Young Social forum khanpur mahar

Young Social forum khanpur mahar Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Young Social forum khanpur mahar, Biotechnology company, Khanpur.

👇 ينگ سوشل فورم خانپورمھر جو مشن ۽ منشور 👇👈ينگ سوشل فورم ڪا تنظيم يا سياسي پارٽي نه آهي بلڪه هي هڪ فورم يا پليٽ فارم آهي...
01/01/2020

👇 ينگ سوشل فورم خانپورمھر جو مشن ۽ منشور 👇

👈ينگ سوشل فورم ڪا تنظيم يا سياسي پارٽي نه آهي بلڪه هي هڪ فورم يا پليٽ فارم آهي.
👈ينگ سوشل فورم بڻائڻ جو اصل مقصد اهو آهي ته خانپور مهر ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن جي باشعور نوجوانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻو آهي ۽ مختلف برادرين جي وچ ۾ ايڪو، اتحاد، پيار محبت ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻي آهي.
👈ينگ سوشل فورم ۾ هر طبقي، مڪتب و فڪر ۽ هر ڪميونٽي جو فرد شامل ٿي سگهي ٿو.
👈ينگ سوشل فورم جي ڪنهن به عهديدار، فرد يا ميمبر تي ڪا به پابندي يا رڪاوٽ نه هوندي ته هو ٻين تنظيمن جي پروگرامن ۾ شرڪت نه ڪري.
👈ينگ سوشل فورم علائقي جي ٻين لوڪل تنظيمن، شهري اتحادن ۽ سول سوسائٽي سان واسطو رکندڙ سوشل ورڪرن جي مڪمل سپورٽ ڪندي ۽ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ ڪم ڪندي.
👈ينگ سوشل فورم ڪنھن ٻئي تنظيم جي ڪم ڪار ۽ طريقيڪار ۾ ڪا به رڪاوٽ نه وجهندي ۽ نه ئي ڪنهن جي ڪمن تي اجائي تنقيد ڪندي.
👈ينگ سوشل فورم آزاديءَ صحافت تي مڪمل يقين رکي ٿي ۽ سچ لکندڙ ۽ بهادر صحافين جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي، باقي ڪنهن به صحافي جي غير قانوني ڪمن ۽ سرگرمين جو حصو نه بڻجندي.
👈ينگ سوشل فورم پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪندي، ڪنھن کان ڪا به خيرات يا چندو وغيره نه وٺندي.
👈ينگ سوشل فورم علائقن جي عوام جي بنيادي مسئلن حل ڪرڻ، نوجوانن لاءِ تعليم، هنر ۽ روزگار جا موقعا تلاش ڪرڻ ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي ڪم ڪندي.
👈ينگ سوشل فورم خانپورمھر ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن جي پٺتي پيل ماڻهن سان گڏوگڏ انسان ذات جي هر مصيبت ۾ مدد ڪندي.

🙏🙏🙏اسان خانپورمھر جي دوستن ۽ نوجوانن کي عرض ڪيون ٿا ته ينگ سوشل فورم جي ٽيم سان ڀرپور سهڪار ڪيو ۽ اسان جي مشن کي ڪامياب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. 🙏🙏🙏

پاران وڪيل سعيد احمد ڌاريجو
چيف آرگنائزر اينڊ فائونڊر آف ينگ سوشل فورم خانپورمھر
نمبر 03003137881

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ صاحب جي هدايت تي صوبائي وزير فراز ڏيرو صاحب سڀاڻي منجهند 12 وڳي ڊپٽي ڪمشنر ڪمپليڪس آفيس...
20/12/2019

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ صاحب جي هدايت تي صوبائي وزير فراز ڏيرو صاحب سڀاڻي منجهند 12 وڳي ڊپٽي ڪمشنر ڪمپليڪس آفيس ميرپور ماٿيلو ۾ کليل ڪچهري ڪري عوام جا مسئلا ٻڌندو. سڀني دوستن کي ڀرپور شرڪت ڪرڻ گهرجي.

خانپورمھــر (رپورٽ ) ينگ سوشل فـورم خانپور مھر جي گڏجـاڻي ٿي گذري خانپورمھـر جي ٻرندڙ مسئلن تي آواز اٿارڻ جو عزم، پھـرين...
20/12/2019

خانپورمھــر (رپورٽ ) ينگ سوشل فـورم خانپور مھر جي گڏجـاڻي ٿي گذري خانپورمھـر جي ٻرندڙ مسئلن تي آواز اٿارڻ جو عزم، پھـرين مرحلي م گورنمينٽ ھائیرسيڪنڊري اسڪول م استادن جي کوٽ خلاف احتجاج جو اعلان ...

خبـر موجب: خانپور مھـر جي عوامي مسئلن جي حل لاء جـوڙيل ينگ سوشل فورم خانپور مھر پاران گڏجـاڻي ٿي گـذري جنھن جي صدارت چيف آرگنائیزر ايڊووڪيٽ سعيد احمد ڌاريجـو جي صدارت م ٿي جنھن ينگ سوشل فورم جي ٻين اڳواڻن مقصود گل مھر، سينگار حيدر بلوچ، سڪندر مھر، قيوم مھر ، شاد مھـر ء ٻين شرڪت ڪئي اجلاس م شھر م تعليم، صحت، سميت ء ٻيا عوامي مسائل زير بحث رھيا اجلاس م شھر جي مسئلن جي حل لاء گڏيل جدوجھد ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو، ينگ سوشل فورم جي چيف آرگنائیزر سعيد ڌاريجو چيو تہ ينگ سوشل فورم جي ڪاوشن سان تعلقي جي 15 معذور ماڻھن م وھيل چيئر ڏنيون وينديون اجلاس م خانپورمھـر جي ھائیرسيڪنڊري اسڪول م استادن جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو ء چيو ويو تہ 1400 کان مٿي شاگردن لاء صرف 3 کان 4 ليڪچرر مقرر ٿيل آھن جنھن ڪري شاگردن جو مستقبل داء تي لڳل آھي جنھن ڪري ينگ سوشل فورم پاران ھائیرسيڪنڊري اسڪول خانپورمھر م استادن جي کوٽ لاء ڀرپور تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو ويو اجلاس م عاجز مھر، مختيار مھر، مير مرتضیٰ پتافي، سھيل احمد ء ٻين شرڪت ڪئي...

10/12/2019
ڪراچي ۾ پنهنجا جائز حق گهرندڙ استادن تي لٺبازي، شيلنگ ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. گرفتار ڪيل استادن کي  جلد آز...
09/12/2019

ڪراچي ۾ پنهنجا جائز حق گهرندڙ استادن تي لٺبازي، شيلنگ ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. گرفتار ڪيل استادن کي جلد آزاد ڪيو وڃي.

پاران وڪيل سعيد احمد ڌاريجو
چيف آرگنائزر اينڊ فائونڊر آف ينگ سوشل فورم خانپورمھر
نمبر 03003137881

09/12/2019

We strongly condemn the brutal attack on the innocent teachers.
who are fighting for their due rights.

سنڌ جي ٻين شهرن جيان خانپورمھر ۾ به ينگ سوشل فورم  طرفان ثقافت جو ڏهاڙو هڪ سنڌ هڪ ثقافت ڀرپور نموني سان ملهايو ويو. ان س...
09/12/2019

سنڌ جي ٻين شهرن جيان خانپورمھر ۾ به ينگ سوشل فورم طرفان ثقافت جو ڏهاڙو هڪ سنڌ هڪ ثقافت ڀرپور نموني سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ خانپورمھر ۾ مختيارڪار آفيس کان پريس ڪلب خانپور مهر تائين عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ينگ سوشل فورم خانپورمھر جي سرپرست اعلي ايڊووڪيٽ مختيار علي سيال، چيف آرگنائزر ايڊووڪيٽ سعيد احمد ڌاريجو، جنرل آرگنائزر مقصود گل مهر، ڊپٽي جنرل آرگنائزر عبدالقيوم مهر، خزانچي سڪندر مهر، پروگرام آرگنائزر مظفر علي قاضي، پريس سيڪريٽري سينگار حيدر بلوچ، اظهر محمود گبول، عرض محمد گڏاڻي، اخلاق چنہ، مير مرتضي پتافي، عرفان علي گبول، اشفاق ملڪ، شاد محمد مهر، شبير مهر، محمد قاسم گبول، شاهد علي گڏاڻي، نبيل گبول ۽ ٻين ميمبرن جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي.

هي آهي اسان جي پوليس جنهن لاء يونيفارم پائڻ به ضروري ناهي ، ڌوتي پائي سائين جن عوام جا مسئلا ٿا ٻڌن. .. هتي دال ۾ ڪارو ن...
09/12/2019

هي آهي اسان جي پوليس جنهن لاء يونيفارم پائڻ به ضروري ناهي ، ڌوتي پائي سائين جن عوام جا مسئلا ٿا ٻڌن. .. هتي دال ۾ ڪارو ناهي ، سڄي دال ئي ڪاري آ، ڪاريون رڍون نه هتي سڄو ڌڻ ئي ڪارو آ، معذرت سان ، پوليس جو ڍانچو عوام جي حفاظت بجائي ، سياسي ماڻهن کي خوش ڪرڻ ۾ پورو آ،

Address

Khanpur

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Young Social forum khanpur mahar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share