Sambara Scientific Society Sindh

Sambara Scientific Society Sindh Welcome to our page dedicated to bringing you the latest updates in science, technology, and international affairs – all presented in Sindhi Language.

Stay informed, explore the wonders of innovation, and delve into global perspectives.

Sambara International Affairsآمريڪا تي قرض ۽ ايران تي معاشي پابنديونپروفيسر بشير سومرو20 آگسٽ 2026ع آمريڪا جي صدارتي عھد...
20/08/2026

Sambara International Affairs

آمريڪا تي قرض ۽ ايران تي معاشي پابنديون

پروفيسر بشير سومرو
20 آگسٽ 2026ع

آمريڪا جي صدارتي عھدي جي تاريخ رهي آهي ته پھرين صدارتي ٽرم واري اليڪشن کٽڻ کان پوء صدر پنهنجي حمايتن جي ڀرپور خدمت ڪندو آهي پر جڏهن ڪو به صدر ٻيو ڀيرو اليڪشن کٽندو آهي ته ھو پاڻ کي عوام جو حقيقي نمائندو سمجهي پنهنجي اصلي حمايتن سان الجھي پوندو آهي ۽ پوء ڪو نه ڪو اسڪينڊل نڪري ايندو آهي جنهن ۾ صدر جي وڏي خواري ٿيندي آهي. اچو ته ويجهي ماضيء ۾ آمريڪي صدرن جي پھرين ۽ ٻئي ٽرم جي اسڪينڊلن ته نظر وجھون ته چونڊرائيندڙ حلقا جنهن ۾ اڪثريت يھودي واپارين جي آهي سي ڪيئن ھر چوڻ نه وٺندڙ صدر کي اسڪينڊل جي ذريعي خوار ڪندا آيا آهن.
شروعات صدر رچرڊ نڪسن کان ٿا ڪيون جنهن چين کي سوويت يونين واري ڪميونسٽ بلاڪ کان ٻاهر ڪڍي ڌار ڪيو پر رچرڊ نڪسن ۽ مائوزي تنگ جي وچ ۾ ڪامياب سفارتڪاريء وارو ڪردار وري اڳوڻي صدر ذوالفقار علي ڀٽو ھيو جيتوڻيڪ چين-آمريڪا ڳالهيون صدر ايوب جي دؤر کان شروع ٿيون ھيون....پر رجرڊ نڪسن کي ٻئي ٽرم ۾ واٽر گيٽ اسڪينڊل ۾ ڦاسايو ويو ۽ نڪسن نيٺ مجبور ٿي ڪري 1974ع ۾ استعيفا ڏئي ڀڄي ويوـ نڪسن کان پوء ٿيندڙ صدر جيرالڊ فورڊ کي صدارت ان شرط تي ملي ته ھو نڪسن جي معافيء جو اعلان ڪندو ۽ اھڙو اعلان ھن جي ٻئي ٽرم لاء وڏي رڪاوٽ بڻجي ويوـ جڏهن جمي ڪارٽر صدر ٿيو ته ھن جو سڀ کان وڏو ڪم مصر ۽ اسرئيل جي وچ ۾ ڪيمپ ڊيوڊ معاھدو ڪرائڻ ھيو ۽ سڀ کان ڪڌو ڪم اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏياريڻ ھيو پر ٻئي ڪم عين آمريڪي مفادن وٽان ھيا پر جمي ڪارٽر جو سڀ کان وڏو ڪم افغاڻ جھاد شروع ڪرائي سوويت يونين کي گرم پاڻيء ۾ اچڻ کان روڪڻ ھيو پر ھن جي ٻئي ٽرم جي رڪاوٽ ايران ھوسٽيج ڪرائيسز بڻجي وئي. ڪارٽر کان پوء صدر ريگن چونڊجي آيو جنهن جو سڀ کان وڏو ڪم ايران مان آمريڪي يرغمالين کي آزاد ڪرائڻ ھيو پر ٻئي ٽرم ۾ وري ايران-ڪونٽرا اسڪينڊل ۾ ڦاسي پيوـ ريگن کان پوء جارج ايڇ ڊبليو بش صدر ٿيو. ھن جي پھرين ٽرم ۾ ايران-ڪونٽرا اسڪينڊل ان جي ڪري ھيو جو ھو ريگن جو نائب صدر رهيو ھيو پر ھن جي دؤر ۾ سيونگ ۽ لون ڪرائيسز کان پوء عراق گيٽ اسڪينڊل جنهن ۾ صدام حسين جو ڪويت تي حملو ڪرڻ هيوـ بش کان پوء بل ڪلنٽن صدر ٿيو جنهن جي ٻئي دؤر ۾ سڀ کان وڏو اسڪينڊل مونيڪا ليونسڪيء جو ٿيوـ بل ڪلنٽن کان پوء جارج ڊبليو بش صدر ٿيو جنهن جا سڀ کان وڏو اسڪينڊل عراق تي حملي ڪرڻ وارو بھانو ويپنس آف ماس ڊسٽرڪشن ھيو جيڪي ھٿيار اڄ ڏينهن تائين ظاهر نه ٿيا آهن ۽ ٻيو وري ابو غريب جيل ٿيو جڏهن ته 9/11 جو ڊرامو رچائي پنهنجي اتحادي مسلم ملڪن تي ڄڻ ته ھڪ قسم جي جنگ مڙھي ڇڏي. ڊبليو بش کان پوء بارڪ اوباما صدر ٿيوـ اوباما جي وڏن اسڪينڊلن مان ڪرنل قذافيء جو قتل, آمريڪي فوجي برغاڊل کي ڇڏائڻ جي لاء گوانٽونامو بي جيل مان پنج طالبان قيدي طالبان جي حوالي ڪرڻ پر سڀ کان وڌو اسڪينڊل داعش کي وجود ۾ آڻڻ ھيو جنهن جي نتيجي ۾ شام ۽ عراق ۾ شيعا سني جنگ جا طبل وڄڻ لڳا ۽ ھي سڀ ھيلري ڪلنٽن جي اي ميلز جي ظاهر ٿيڻ سان خبرن جي زيبت بڻيو جنهن جي نتيجي ۾ ھيلري ڪلنٽن کي صدارتي عھدي تان ھٿ ڌوئڻا پيس. نيٺ صدر ٽرمپ ميدان تي آيو جنهن جو سڀ کان وڏو اسڪينڊل اپسٽين فائيل ٿي ويو آهي جنهن جي پس منظر ۾ ايران-آمريڪا جنگ لڳي جيڪا صدر ٽرمپ جي نڙيء ۾ ڦاٿل ڪنڊي وانگر ٿي وئي آهي.
ياد رهي ته صدر ٽرمپ ڪنهن به صورت ۾ ٻئي ٽرم جي لاء ايران جي فتح ڪرڻ جو اعلان کپي جيئن بارڪ اوباما کي انٽيليجنس اساما بن لادن کي قتل ڪري کٽرايو ساڳي طرح سان ھو به ٻيو ٽرم کٽڻ ٿو چاهي.. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن صدر ٽرمپ ايران تي وڏو حملو ڪرڻ وارو ھيو ته کيس ٻڌايو ويو ته ايترا ھٿيار نه آهن جو ايران تي حملي کي جاري رکي سگهجي. صدر ٽرمپ پنهنجي انتظاميا کان ھٽي ڪري به ايران تي حملي لاء ڪجهه ڪرڻ وارو ھيو ته اوچتو يو ايس ايس لنڪولن تي موجود پنج ھزار فوجين ۽ عملي جون خبرون اچڻ لڳيو ته انهن فوجين مان اڪثريت جي دماغي ۽ جسماني صحت درست نه آهي جنهن جي ڪري فوجي فرسٽريشن ۾ سمنڊ ۾ ٽپا ڏئي ڀڄي رهيا آهن تي صدر ٽرمپ سخت توائيء ۾ اچي ويو پر ساڳي وقت تي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر بريڊ ڪوپر کي يو ايس ايس لنڪولن ڏانهن اماڻيو ته هو انويسٽيگيشن ڪري. ڪمانڊر بريڊ ڪوپر گذريل سومر تي يو ايس ايس لنڪولن تي پھتو ۽ فوجين سان مليو ۽ کين موٽيويشنل ليڪچر پڻ ڏبو پر صدر ٽرمپ اڳ ۾ يو ايس ايس واشنگٽن کي پيسفڪ وڏي سمنڊ مان ھرمز پھچڻ جو حڪم ڏنو هيو پر پوئتي ڏکڻ چيني سمنڊ جا ملڪ خوف ۾ وٺجي ويا آهن جنهن ۾ فلپائين سڀ کان اڳ ۾ پنهنجا جنگي ٻيڙا تڪراري ٻيٽن ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن جڏهن ته صدر پيوٽن جي تڪراري ٻيٽ واري دؤري جپان ۾ سفارتي افراتفري پيدا ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف وري صدر ٽرمپ ڏکڻ ڪوريا جو ايران جنگ ۾ حصو نه وٺڻ ۽ ڪم جونگ ان سان دوستيء جي پس منظر ۾ فوجي مشقون گھٽائڻ جو بيان ڏيڻ سان پڻ خوف پيدا ٿي ويو آهي.
نيٺ صدر ٽرمپ کي راضي ڪرڻ جي لاء ٽريزري سيڪريٽري اسڪاٽ بيسينٽ ايران تي حملي ڪرڻ جي ڀدران اھڙين معاشي پابندين جو چٺو ھٿ ۾ پڪڙايس جنهن جي لاء بيسينٽ دعوى ڪئي آهي ته اھڙيو پابنديون ايران ڪڏهن ڏٺيون به نه ھونديون جنهن جي ڪري ايران مجبور ٿي صدر ٽرمپ جي حوالي اھو سڀ ڪجهه ڪندو جيڪو ھو چاهي ٿوـ اھڙي پس منظر ۾ گذريل جمعي تي ايران تي وڌيڪ معاشي پابنديون مڙھڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي پر روئٽرس جي انويسٽيگيٽو رپورٽ جي مطابق فيبروريء ۾ جنگ شروع ٿيڻ سان ئي ٽريزري ڊپارٽمينٽ جي فارين اسيٽ ڪنٽرول آفيس جي ڊيٽا ٻڌائي ٿي ته ايران تي اڳ ۾ ئي معاشي پابنديون لڳايون ويون آهن جنهن ۾ 1,000 کان وڌيڪ ماڻهو, ٻيڙا ۽ ٻيڙيون ۽ ھوائي جھاز پابندين جي دائري ۾ اچي ويا آهن پر تازو ئي ايران جي شيڊو آئل ٽينڪرن جو جٿو, ٻيڙا, ادارا ۽ ماڻهو جيڪي ھٿيارن ۽ ڊجيٽل ايڪسچينج ۾ ملو ملوث آهن جنهن ۾ ايران سان تعلق رکندڙ 500 ارب ڊالرن جي ڪرپٽو ڪرنسي پڻ شامل آهي.
اڃان ايران تي پابندين جي لاء اعلان ٿيو ئي نه آهي ته عرب امارات ٻن ميزائيل حملن جي آڙ ۾ ايران تي معاشي پابنديون لڳائيندي ھر قسم جو واپار بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته ايران جو اسي سيڪڙو واپار عرب امارات جي ذريعي ٿيندو آهي پر ھتي ٻن نڪتن جي واضع ٿيڻ جو احساس ٿئي ٿو: پھريون ته عرب امارات جو پابنديون لڳائڻ جو مقصد اڻ سڌيء طرح سان آمريڪا جي حمايت ڪرڻ آهي. جڏهن ته ايران وري پنهنجي معاشي لائيف لائين کي ڪيسپين سمنڊ جي ذريعي شايد روس سان جوڙيو آهي.
اھڙين خبر اڃان دنگ نه ڪيو ته آمريڪي ميڊيا آمريڪا تي وڌي ويل قرض جو چٺو پڌرو ڪيو آهي جنهن ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا جو قرض 40 ٽريلين ڊالر جي حد پار ڪري ويو آهي جنهن ۾ صدر ٽرمپ جو ھن وقت ئي ورتل قرض يارهن ٽرلين ڊالر آهي. ڪاميٽ فار اي ريسپانسيبل فيڊرل بجيٽ جي صدر مايا ميڪ گينس چيو ته جيڪڏهن ڏسجي ته آمريڪا کي پهريون ڀيرو هڪ ٽريلين ڊالر جو مجموعي قرض 1981ع ۾ پهچڻ لاءِ لڳ ڀڳ 200 سال لڳا
هن وڌيڪ چيو ته 40 ٽريلين ڊالرن جو قرض فقط حڪومتي حساب ڪتاب تائين محدود نه آهي پر ان جا اثر سڄي معيشت تي ٿاپون ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عام ماڻهن جي کيسي تائين ٿا پهچن. وڌيڪ قرض وٺڻ سان مهانگائي وڌڻ جو خطرو وڌي ٿو، بجيٽ جي ٻين ترجيحن لاءِ وسيلا گهٽجن ٿا ۽ ملڪ اندر هنگامي حالتن يا ٻاهرين بحرانن دوران آمريڪا جي ڪمزوري وڌي سگهي ٿي.

صدر ٽرمپ اشوز مان ڪيئن نڪري سگهندو....؟؟؟پروفيسر بشير سومروDaily SobhDate: 18-8-2026سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي تازي تجز...
18/08/2026

صدر ٽرمپ اشوز مان ڪيئن نڪري سگهندو....؟؟؟
پروفيسر بشير سومرو
Daily Sobh
Date: 18-8-2026
سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي تازي تجزياتي رپورٽ جي مطابق صدر ٽرمپ ايران خلاف غير معمولي معاشي پابندين جي تياري ڪري رهيو آهي جڏهن ته صدر ٽرمپ تقريبن ڇهن مهينن کان ھڪ طرف جنگ جاري رکيون ٿو اچي ته ٻئي طرف وري ڳالهين جي لاء پاڪستان پوء قطر, ترڪي, مصر ۽ ٻين ملڪن کي ٽياڪڙيء جي لاء پڻ ميدان تي لاٿو اٿس جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا-ايران ڳالهيون سڌيء طرح سان نه پر اڻ سڌيء طرح سان عمان-ايران جي وچ ۾ ھرمز ۾ بحري جھازن جي ٽريفڪ کي بحال ڪرڻ جي لاء ڳالهيون ھلي رهيون آهن جنهن جي لاء ٽرمپ انتظاميا دعوىٰ ڪري رهي آهي ته ھو پردي جي پويان موجود آهن جڏهن ته شروع ۾ ايران انڪار ڪيو پر وري دوست ملڪن جي زور ڀرڻ تي ايران پردي جي پويان ڳالهيون شروع ڪيون. ھاڻي جڏهن ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن ته اوچتو ٻه اھم اشوز ڪر کنيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ايران آمريڪا سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پھريون اشو ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر قاليباف قطر تي ٽن ايراني پائلٽن کي قيد ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي جڏهن ايراني پائلٽ آمريڪي اڏن تي حملو ڪري موٽي رهيا ھيا ته انهن جي جھازن تي قطر ۾ حملو ڪري گرفتار ڪيو ويو تن کي آزاد ڪيو وڃي. ايران جي اھڙي الزام تي قطر جي وزارت خارجا جي ترجمان ماجد الانصاريء عالمي ميڊيا کي ٻڏايو ته انهن پائلٽن کي ڳولڻ واري آپريشن ۾ ھڪ پائلٽ جو لاش مليو آهي جنهن کي ڪنھن به کڻي سگهجي ٿو جڏهن ته ٻين پائلٽن جي تلاش جاري آهي. ٻيو اشو اسرائيلي ڊفينس فورسز جو لبنان ۽ خاص طور تي ڏکڻ لبنان ۾ گذريل جمعي واري ڏينهن تي ھڪ خوفناڪ حملي ۾ حزب الله جي انٽيليجنس سربراھ کي سندس خاندان سان گڏ قتل ڪري ڇڏيو ۽ ويھن کان مٿي لبنانين کي مختلف ھنڌن تي بمڀاري ڪري قتل ڪيو ويوـ ياد رهي ته ايران-آمريڪا ڳالهين ۾ لبنان ۾ حزب الله جي خلاف حملا روڪڻ ۽ ان کي سياسي ڌارا ۾ آڻڻ جي شق به رکيل آهي پر ھتي ھڪ سوال ٿو اڀري ته جيڪڏهن غزا ۾ حماس ۽ بيروت ۾ حزب الله ھٿيار ڦٽي ڪن ته ڇا اسرئيل جا حمڪا بند ٿي ويندا جي نه ته پوء جوزد عون ۽ نيتنياھوء جي وچ ۾ ڳالهين جو نتيجو لبنان جي حمايت ۾ ويندو ۽ ساڳي وقت تي ايران سان معاھدي جي ڪھڙي اھميت رھندي.
ايران جي طرفان ڳالهيون ختم ڪرڻ واري اعلان کان اڳ ۽ پوء صدر ٽرمپ پنهنجي ھڪ ميسيج ۾ ايران تي سخت معاشي پابندين جي ڌمڪي ڏني جنهن جنهن لاء چيو ٿو وڃي ته اھا ان ڌمڪيء جھڙي نه آهي جيڪا ايران تي ٻي عالمي جنگ کان پوء وڏو حملو ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ وارو ھيو جو سندس انتظاميا ھٿيارن جي کوٽ جو ٻڌايو ھيس پر ايران جي مٿان سخت معاشي پابندين جو اسڪاٽ بيسينٽ کان پڇيو ويو ته ھن عام بيان ڏنو جڏهن ته آمريڪي ميڊيا خبر ڏني آهي ته صدر ٽرمپ کي سندس انتظاميا يقين ڏياريو آهي ته لڳندڙ پابندين ۾ ايران سندس آڏو جھڪي پوندوـ ياد رهي ته ايران تي اڳ ۾ لڳايل پابندين جو اثر ھي ٿيو جو ھو يوڪرين جي جنگ ۾ روس کي ڊرون جھاز سپلاء ڪري رهيو جنهن جي نتيجي ۾ ايران روس کان ھٿيار مختلف اسپيئرس پارٽس جي صورت ۾ خريد ڪندو رهيوـ ياد رهي ته اھڙي پس منظر ۾ صدر زيلينسڪيء جي حڪم تي ڪيسپين سمنڊ ۾ روس کان ايران ڏانهن ايندڙ بحري جھاز تي حملو ڪري ايران کي ڌمڪي ڏني ته ھاڻي وڌيڪ يوڪرين جنگ ۾ ايران جي مداخلت نه ٿيڻ کپي پر ايران جي بحري جھاز تي حملي جي بدلي ۾ روس ڪاري سمنڊ ۾ يوڪرين جي اناج وارن بحري جھازن تي خوفناڪ حملو ڪري عالمي تي سطح اناج جي بحران جو اشارو ڏنو مقصد ته يوڪرين پنهنجي جنگ ۽ معاشي تباهيء تي ڌيان ڏئي ۽ جنگ کي پنهنجي علائقن مان کڻي ٻئي کنڊ ۾ نه پھچي
اھڙي صورتحال کي محسوس ڪندي صدر ٽرمپ پنهنجي ھڪ ٻئي بيان ۾ ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايران ڳالهين جي ميز تي نه ٿو اچي ته پوء جلد ھرمز آمريڪا جو علائقو ٿي ويندو جيتوڻيڪ ايران جي وزارت خارجا جي ترجمان بيان ڏنو آهي ته ھڪ ٽوئيٽ سان ھرمز تي قبضو نه ٿي ويندو پر صدر ٽرمپ جي ھن بيان مان ھي مقصد ورتو ويو ته ھرمز تي حملو ڄڻ ته آمريڪا تي حملو سمجهيو وڃي پر ايران صدر ٽرمپ جي ڌمڪيء کان پوء گذريل جمعي تي عرب امارات جي ٻئي ٽينڪر تي حملو ڪيو پر عالمي ميڊيا ايراني حملن جي اھميت کي گھٽائيندي ھي ٻڌايو ته ھرمز مان بحري ٽريفڪ تمام آھستي گذري رهي آهي. ھاڻي ايران عرب امارات جي ٽينڪرن تي ھرمز ۾ حملو ڪيو آهي ته صدر ٽرمپ ۽ سندس انتظاميا ۽ نه ئي نيتنياھوء ڪو نوٽس ورتو عرب امارات کي ابراھام اڪارڊ ۾ شامل ٿيڻ سان ھڙ حاصل ڇا ٿيوـ اڇان ھن اشوز تي تنقيد ٿيڻي ھئي پر عالمي ميڊيا جو ڌيان ٻن اشوز ڏانهن ٿي ويوـ پھريون: نيتنياھوء برطانيا کي اسلامڪ ريپبلڪ آف برٽين يعني برطانيا پھريون اسلامي نيوڪليئر ھٿيارن وارو ملڪ ھوندو سڏي يورپي ۽ عالمي سفارتي ۽ سياسي اسٽيج تي وڏو طوفان پيدا ڪري ڇڏيو آهي يعني اھڙي ملڪ جي خلاف بيان ڏنو اٿس جنهن 1917ع بيلفور ڊڪليئريشن, 1948ع ۾ ظالم فلسطينين کان مظلوم يھودين کي آزاد ڪرائي اسرائيل وجود ۾ آندو ۽ آخر ۾ ھولوڪاسٽ ۽ 1967ع واري عرب-اسرائيل جنگ ۾ آمريڪا سان گڏجي ڪردار ادا ڪيو تنهن کي برطانيا پھريون اسلامي نيوڪليئر ھٿيارن وارو ملڪ سڏيو آهي. ھتي ھڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان پھريون اسلامي ملڪ آهي جنهن 1998ع ۾ نيوڪليئر تجربا ڪري اسلامي نيوڪليئر ملڪ ھجڻ جو اعلان ڪيو ھيو جنهن مان سمجهي سگهجي نيتنياھوء جو بيان برطانيا جي اسرائيل جي سخت سفارتي رويي جي خلاف ھڪ طنزيه بيان ڏنو آهي. مقصد ته نيتنياھو ھڪ طرف يورپ جي خلاف سفارتي محاذ کوليو آهي ۽ ٻئي طرف وري ڏکڻ بيروت ۾ حزب الله خلاف صدر ٽرمپ جي معاھدي کي رد ڪندي حملا جاري رکيون ٿو اچي.
صدر ٽرمپ عرب امارات ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ڀدران مختلف اشو ۾ الجھي پيو آهي جنهن مان پھريون اشو واشنگٽن پوسٽ جي بريڪ ڪندڙ خبر آهي جنهن جي لاء صدر ٽرمپ وائيٽ ھائوس جي اسٽاف کي ڪيڪ ڪرڻ کان روڪيو ھيو سان ھيء آهي ته گذريل مھيني جڏهن صدر ٽرمپ نارٿ ايٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن (ناٽو) جي سربراھي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جي انقره وڃي رهيو ھيو ته سندس پينٽاگون جي سربراھ پيٽي ھيگسيٿ کيس سي آء اي جي رپورٽ نه پر موساد جي رپورٽ ٻڌايس ته ايران ايئر فورس ون جھاز تي ميزائيل ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ساڳيو خطرو انقره ۾ به موجود رھندو پر پھريان آمريڪي ميڊيا کي ڌوڪي ڏيڻ لاء کيس ڳجهي نموني سان ھوائي اڏي جي لائونج کان وٺي کاڌي واري ٽرڪ ۾ کڻي ڪري ايئر فورس ون جھاز ۾ چاڙهي وري ٻئي طرف کان ٻئي جھاز ۾ چاڙهيو ويو ۽ پوء ٻئي جھاز ترڪيء وياـ واشنگٽن پوسٽ جي اھڙي خطرناڪ اسٽوريء ڪيترائي سوال اٿاريا آهن جنهن ۾ سڀ کان پھريون خبر ليڪ ڪرڻ جو ۽ اھو نزلو وائيٽ ھائوس جي ترجمان ڪيرولينا ليوٽ تي ڪريو ته ھن واشنگٽن پوسٽ کي خبر ليڪ ڪئي آهي پر ڪيرولينا ليوٽ تن ڏينهن ۾ اميدواريء واري موڪل تي ھئي پڻ سوالن کي جنم ڏنو آهي ته آخر ڪير...؟؟؟ جڏهن ته صدر ٽرمپ پنهنجي انتظاميا جي ماڻهن کي موت ۽ زندگيء واري گھڙيء ۾ ڇو ڇڏي وارا سوال مڊ ٽرم اليڪشن ۾ پڇيا ويندس پر اڃان به ھڪ ٻيو اشو اڀري آيو آهي

ته گذريل ڇنڇر تي آمريڪي جنگي ٻيڙي يو ايس ايس لنڪولن جنهن تي ھوائي جھاز موجود آهن ان تان فوجي سمبڊ ٽپا ڏئي ڀڄي رهيا آهن واري خبر سڄي دنيا ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي. ياد رهي ته يو ايس ايس لنڪولن 266 کان به وڌيڪ ڏينهن کان سمنڊ ۾ جنهن تي 5,000 فوجي ۽ عملو موجود آهي جتي نه ته ھنن جي صحت ۽ جنگي ٿڪاوٽ جو خيال ڪيو ٿو وڃي ۽ نه ئي وري ڪو صحتمند کاڌو ۽ پاڻي ٿو ڏنو وڃي. جيتوڻيڪ صدر ٽرمپ اھڙين خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي وضاحتون پيش ڪري رهيو آهي پر پيٽي ھيگسيٿ ميڊيا کي ٻڌايو ته ھو يو ايس ايس واشنگٽن جنگي ٻيڙي کي ھرمز ڏانهن موڪلي رهيا آهن.
اڃان انهن خڀرن دم ئي نه ٽوڙيو ته خبرون اچي ويون ته آمريڪا جڏهن پنهنجا جنگي ٻيڙا ھرمز موڪلي رهي آهي ته چين جي جنگي ٻيڙن جي ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ چرپر وڌي وئي آهي ۽ شايد ڪو امڪاني ٽڪراء نه ٿي پوي جو فلپائين به پنهنجي جنگي ٻيڙن کي ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ حرڪت ۾ آندو آهي جو ٻنهي ملڪن جو شول ۽ اسڪاربورو شول تي اڳ ۾ تڪرار موجود آهي سو وڌي نه وڃي ته اوچتو عالمي ۽ آمريڪي ميڊيا خڀر بريڪ ڪئي ته ھڪ طرف صدر پيوٽن جپان جي قبضي ڪيل تڪراري ٻيٽ جو دؤرو ڪيو ۽ ٻئي طرف وري چين جا وڏا بحري ٻيڙا جن کي وڏا برف ڪٽر آهن سي بيرنگ سمنڊ واري لنگھ کان ٽپي ڪري آرڪٽڪ سمنڊ پھچي برف ڪٽي رستو ٺاهي يورپ تائين پھچڻ جي تيزيء سان ڪوشش ڪري رهيا آهن . ياد رهي ته صدر ٽرمپ چين کي ھرمز, سوئز ڪينال ۽ پناما مان بلاڪ ڪري آئيس ليبڊ تي قبضو ڪرڻ ٿي گهريو ته جيئن چين کي يورپ ڏانهن اچڻ کان روڪي سگهي ته اھڙي ماحول ۾ عرب امارات يا سعودي عرب سڀني عرب ملڪن جي ڪھڙي حفاظت ڪري سگهندوـ

ڪچھريون قائم ھجن پروفيسر بشير سومرو**سوچ ۽.... عبدالرشيد جتوئي ايس ايس سان ڪچھري**  اڄ گيس جو بل پيارڻ لاء چنگچيء تي چڙه...
18/08/2026

ڪچھريون قائم ھجن
پروفيسر بشير سومرو

**سوچ ۽.... عبدالرشيد جتوئي ايس ايس سان ڪچھري**

اڄ گيس جو بل پيارڻ لاء چنگچيء تي چڙهي ويٺس ۽ سوچيندو ٿي ويس ته ڪھاڻيء کي ڪيئن ماڊرن سائنس جي دريافتن ۽ ايجادن جي پس منظر ۾ لکجي...منهنجو مقصد ته 80-70-1960 يا پوء به جيڪي ڪھاڻيون لکيون ويون ھيون تن ۾ سنڌ جي سماجي ڍانجي ۾ جيڪي به خرابيون, وھم وسوسا ۽ اسلام ۽ ھندو ڌرم جي تعليم جي ابتڙ ھڪ طاقتور سوچ جنم وٺي چڪي ھئي جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاء اديبن وڏي ڪوشش ڪئي ھئي پر اڄ جي دؤر ۾ جڏهن موبائيل, ڪمپيوٽر تي شارٽ ويب سيريز شروع ٿي ويون آهن ۽ سوشل ميڊيا جون طاقتور ايپليڪيشنس ٽڪ ٽوڪ, سنيپ چيٽ, انسٽاگرام, ٿريڊس, يوٽيوب وغيره نوجوانن سان گڏ ڪراڙن جي ذھن ۽ سوچ تي ڌاڪو قائم ڪيون ويٺيون آهن ته ان جي سحر مان جنريشن زيڊ کان وٺي بي بي بومرس کي ڪيئن سنڌي ڪھاڻيء ڏانهن موٽائجي يا وري ڪھاڻيء کي به نئين انداز ۾ لکڻ گهرجي....جو ريڊر عقل استعمال ڪري پنهنجي چوڌاري ماحول کي سمجهن... ڪھاڻيون سائنس فڪشن ۾ لکجن جيڪي حقيقتن تي پڻ ٻڌل ھجن....
ممنهنجي ذھن ۾ اوچتو خيال آيو ته ڪھاڻيء کي ڪوانٽم مڪينڪس ۾ ڪوانٽم انٽينگلمينٽ ۽ سپر پوزيشن جي پس منظر ۾ لکڻ گهرجي جتي ڪلاسيڪل فزڪس جا تصور فطرت جي مڪمل وضاحت لاءِ ڪافي ثابت نه ٿا ٿين ۽ نون ڪوانٽم نظرين جي ضرورت پوي ٿي. مقصد ته انٽينگلمينٽ ۽ سپر پوزيشن ۾ ھڪ آبجيڪٽ ھتي موجود آهي ته ساڳيو ئي آبجيڪٽ اربين ڪلوميٽر پري به ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن اھڙو ھڪ ڇوڪرو ۽ ھڪ ڇوڪري ھتي محبت ڪن ٿا ته ڇا اھي ٻي پوزيشن تي به محبت ڪندا ھوندا.... جي لاء لکي سگهجي ٿو.... .....ساڳيءَ طرح وقت جي اُلٽي رخ واري هم بابت سوال جديد فزڪس ۾ بنيادي بحثن کي جنم ڏين ٿا. مقصد ته مٿين ٽاپڪ تي جيڪي بحث ٿين ٿا تن کي موضوع بڻائجي.
يا وري بليڪ ھول جي مرڪز جتي جنرل رليٽوٽي جون اڳڪٿيون سنگيولرٽيء تي پنهنجي حدن کي ظاهر ڪن ٿيون. جڏهن ته بليڪ هول ۾ پيدا ٿيندڙ انتهائي حالتن ۾ ڪوانٽم مڪينڪس ۽ جنرل رليٽوٽيء کي گڏ ڪندڙ ڪوانٽم گريوٽيء جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي پر جيڪو ماڊرن فزڪس جي لاء ھڪ وڏو اشو آهي پر ڪيئن يا وري ايونٽ ھاريزن کي پار ڪرڻ کان پوءِ ڪو به آبجيڪٽ ايتريقدر جو روشني پڻ بليڪ هول مان واپس ڪائنات ڏانهن فرار ٿي نه ٿي سگهي......پر اتان ڪجھه فردن کي جيڪي خاص راڪيٽ ۾ چڙهيل آهن ۽ بليڪ ھول تي ريسرچ ڪندي غلطيء سان ايونٽ ھاريزن ڪراس ٿا ڪري وڃن پر بليڪ ھول ۾ اندر وڃڻ اڳ ۾ انهن کي ڪائنات ڏانهن واپس ڪيئن فرار ڪرائجي يا وري انهن جي خاص راڪيٽ ۾ اھڙو سسٽم ھجي جيڪو بليڪ ھول جي ڪشش ثقل جي ڇڪ کي ٽوڙي ٻاهر نڪري اچي پر اھڙي ڪھاڻي سائنسي اسڪرپٽ ذھن ۾ رکي لکجي سگهي ٿي .....
ساڳي طرح سان هڪ ٻيو حيران ڪندڙ مثال ھي به آهي ته ڌرتيء کان 12 ارب نوري سال پري هڪ ڪواثر جي چوڌاري پاڻيءَ جي بخارن جو ايترو وڏو ذخيرو مليو آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي سمورن سمنڊن جي پاڻيءَ کان تقريباً 140 کرب ڀيرا وڌيڪ قرار ڏنو ويو آهي. ھتي سوال ٿو اڀري ته جيڪڏهن ھڪ ڏينهن ڌرتيءَ جو پاڻي ختم ٿي وڃي ته پوء انسان يعني ھيرو, ھيروئن ۽ ڌرتيء مان فرار ٿيندڙ ھڪ وڏي گروهه کان 12 ارب نوري سال وارو سفر ڪھڙي فورس سان تڪڙو ڪرائجي جو ھنن وٽ موجود پاڻي ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ خاص راڪيٽ تي ويٺل ماڻهو اڃ کان آھستي آھستي مرڻ شروع ٿا ڪن ۽ پوء وڃي ھڪ جٿو ٿو بچي جيڪو پاڻيء تائين پھچي ٿو وڃي وارا موضوع ڪھاڻيء کي آسمان جي بلنديء تائين کڻي وينداـ
خير, چنگچيء تان ھيٺ لھي گيس جو بل پياري ڪيفي ڪلھوڙا تي ويھي چانھ ٿي پيتم ته اوچتو بل ۾ موجود ٽيڪسن تي نظر پئي جنهن ۾ 600 روپيا فڪسڊ چارج, 209 ,روپيا اسٽينڊرڊ چارج, 330 روپيا ايڊيشنل جي ايس ڊي ۽ 40 روپيا ميٽر جو رينٽ...مونکي ياد ٿو پوي ته شايد 1974ع ۾ اسان جي گهر ۾ گيس لڳي آ ۽ تنهن وقت کان وٺي ميٽر جو ڪرايو ھلندو ٿو رهي ڄڻ ته لئنسڊائون پل ۽ سکر بيراج جي ٽيڪس وانگر آهي جيڪي اڃان تائين ڍل ۾ ورتيون ٿيون وڃن.....
*********++******++*******++******++*****
چانھ جو آخري ڍڪ ڀريم ته اوچتو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ عبدالرشيد جتوئيء جي فون اچي وئي ۽ چيائين ته مان اچان ٿو سرـ ھو آيو ۽ زور ڀريائين ته لاڙڪاڻو ھوٽل جي ٿڌي ماحول ڏانهن ٿا ھلون پوء ھن موٽر سائيڪل کي ڪڪ ھنئي ته سڌو ھوٽل تي.....
ھوٽل تي ڪچھري ڪندي سنڌ پروفيسرس اينڊ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري پروفيسر زاھد حسين ھليو جي اوچتو رٽايرمينٽ کان پوء چارج وٺڻ واري گنڀير صورتحال ۽ گسٽا پائلٽ ھاير سيڪنڊريء طرفان پرنسپال آفيس کي تالو ھڻڻ کان پوء واري سچوئيشن تي مونکان ڪجهه سوال ڪيا ۽ چيو ته پنهنجي تجربي مان ٻڌايو ته سپسا جي قيادت کي اھڙي پس منظر ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي....
**سر, حقيقت ھيء آهي ته پروفيسر غلام حسين ڀٽو ۾ وڏو مزاحمتي عنصر ھيو پر ساڳي وقت تي وري ايس ايس ڪيڊر جي مفادن جي ڪري ڊپلوميسي به اختيار ڪندو ھيو ڇو ته سندس سامهون گزيٽيڊ آفيسرس سنڌ جو صدر سائين ڪريم ڀخش کھڙو ھيو جيڪو ھڪ وڏو ڊڪٽيٽر ھيو..... پر پوء پروفيسر گل حسن ميرجت جي مرڪزي صدر ٿيڻ سان ايس ايس ڪيڊر مان مزاحمت نڪري وئي ته وري واپس نه آئي آهي پر اجتماعي طور تي... باقي ڪي دوست اسان جي وقت ۽ ھاڻي توهان جي ھن دؤر ۾ به مزاحمت ڪندڙ آهن پر انڊويڊيوئل ......مقصد ته مان توهان جو وائس ميسيج ٻڌو سر......پر اھڙي ميسيج تي پنهنجي دوستن جا وڏيڪ ۽ مخالفن جي گھٽ تنقيد جا تير توهان ڏانهن ھوندا...**
**توهان ڇا ٿا سمجهو ته گسٽا جي آشيرواد کان سواِء چارج نه ٿي وٺي سگهجي سر....**
**وٺي سگهجي ٿي پر مان توهان کي تاريخي حقيقت ٻڌايان ٿو ته آڪٽوبر 1916ع ۾ سوويت يونين ۾ ڪميونسٽ (سوشلسٽ) انقلاب يعني مزدورن جي حڪومت وارو انقلاب آيو ۽ جوزف اسٽالن کان پوء سوويت يونين ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ھڪ ٽرم ڊولپ ٿيو پرولتاريا ڊڪٽيٽرشپ سو اسان جي ھر ھاير سيڪنڊريء ۾ گسٽا جي اڪثريت آهي سو گسٽا ڊڪٽيٽرشپ .... منهنجي خيال ۾ سمجهي ويا ھونداـ**
**بلڪل پر پوء به گسٽا کي ڀاء پاس ڪندي به چارج وٺجي ته ڇا ٿو ٿي سگهي سر....؟؟؟**
**مان پنهنجو ٿو مثال ڏيان ته جڏهن منهنجي پرنسپال جو آرڊر ٿيو ته ساڳي نوٽيفڪيشن ۾ منهنجي ننڍي ڀاء پروفيسر قلندر بخش مغيريء جو به ساڳي اسڪول ۾ پرنسپال جو آرڊر ٿيل ھيو سو ڪنهن ڪرايو ۽ ھنن جي نيت ڇا ھئي خبر نه آهي پر سائين مغيري صاحب جي نالي تي منهنجي نظر نه وئي پر مان گسٽا يونٽ ۽ ضلعي صدر کي فون ڪري چارج وٺڻ لاء آگاھ ڪيو جيڪا مان پنهنجي وڏي ڪمزوري سمچھي پر ساڳي وقت تي مان پنهنجي عزيز ۽ وڏي ايڊووڪيٽ محترم آصف علي سومرو کي فون ڪري سچوئيشن کان آگاھه ڪيو ته ھن چيو ته توهان چارج ازيوم ڪيو ڀاقي مان ڄاڻان چيف سيڪريٽري ۽ گسٽا ڄاڻي....توهان کي پاڻ آرڊر ڏينداـ...پر جڏهن سپسا منهنجي ساٿ ڏيڻ جي بدران پروفيسر قلندر بخش مغيريء جي حمايت ۾ لھي پئي...جنهن جو ھڪ سبب سمجهه ۾ آيو ته سپسا منهنجي چارج وٺڻ واري معاملي تي ان جي ڪري ساٿ نه ڏنو ته متان جھيڙو نه ٿي پوي جنهن لاء مان تيار ھيس پر سپسا تيار نه ھئي...خبر نه آهي ڪھڙو خوف ھين....**
**توهان شاگرد ته ڇڏيو پر ايم فل جي دؤران اسان کي به زور ڀريندا ھيو ته سنڌي اميدوارن کي ميرٽ مارڻ گهرجي ڀلي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا ميمبر شرمنده ٿين ھنن اميدوارن سان ناحق ڪيو آهي...**
**مان مٿي ذڪر ڪري آيس ته پرولتاريا ڊڪٽيٽرشپ ۾ اھليت ۽ ڏاھپ نه پر ليڊر سان وفاداري ڪيتري اٿس تي ڌيان ويندو آهي. . توهان سڀني ھاير سيڪنڊريء جي سچوئيشن ڏسو ۽ پوء غور ڪيوـ**
**گواس/گزيٽيڊ آفيسرس کي ڇا ٿيو آهي سر....؟؟؟**
**گواس/گزيٽيڊ آفيسرس ۾ سائين ڪريم بخش کھڙي صاحب کان پوء مزاحمت ٻڙي/زيرو ٿي وئي آهي..... سائين بدر ڌامراھو, سائين نذير جتوئي صاحب ۽ ٻيا ھيڊماسٽر جوائن نه ڪري سگهيا....ٻيو ته ٺھيو پر ميونسپل ھاير سيڪنڊريء ۾ پروفيسر منظور حسين قريشيء کي ڏيڍ سال چيئر تي ويھڻ نه ڏنو ويو پر جڏهن مان تنهن وقت جي يونٽ صدر سان ڳالهيون ڪرڻ لاء ويس ته ھو پروفيسر منظور حسين قريشيء تي ڪيس ڪرڻ جي لاء ذھني طور تي تيار ھيا ته ھن ڏيڍ سال مفت پگھارون کنيون آهن پر منهنجي ترڇ تنقيد تي ڳالهه کي ڇڏيائون ...سو نه گواس ۽ نه سپسا پنهنجي آفيسرن جو ساٿ ڏئي سگهيون آهن....**
**باقي, سائين الله بخش سومرو صاحب پائلٽ ھاير سيڪنڊري ڪيئن ھلايو....اسان جي جوائن ڪرڻ کان اڳ شھر ۾ سائينء جي وڏي تعريف ھئي...**
**ھاھاھاھاھا.....وڏي ڊگهي ڪھاڻي آ. ..!!!**
**ڪجهه وضاحت ڪريو سر....**
**پروفيسر الله بخش سومرو پائلٽ ھاير سيڪنڊريء ۾ رڪارڊ ڪم ڪرايا ۽ سائين بخش کھڙي صاحب جي ڪرايل ڪمن کي پوئتي ڇڏي ويو پر سڀ کان اھم پائلٽ ھاير سيڪنڊريء جو سؤ سالن وارو جشن پڻ ڪرايو ـ پروفيسر الله بخش سومرو اسڪول جا سڀ کان وڏا ۽ اھم پرانلم جن مان شاگردن کي فائدو پھچي سي ڪرايا: پھريون سولر سسٽم ۽ ٻيو ٿڌي پاڻيء جو اشو جيڪو اسان جي دؤر کان وٺي ھلندو پئي آيو پر.......... نتيجو ڇا نڪتو جو گسٽا يونٽ سڌي احتجاج ڪرڻ جي بدران شاگردن کي روڊ تي ڪڍيو پر نتيجو سائين الله بخش سومري جي حق ۾ آيو جو سوين شاگردن گسٽا جي حق ۾ نه پر سائين الله بخش سومرو حمايت ۾ نعرا ھنيا....۽ خبر اٿئي ته ٻار بي پرواهه آهن بس فيصلو حق جو ٿي ويو....!!!!**
**ھاڻي چانھ پيئون جو ڪچھري گهڻي ٿي وئي سر.....** منهنجي چوڻ تي عبدالرشيد جتوئيء ڪوپ کنيو پوء پائلٽ جي ھاير سيڪشن ۾ ڪلاسن واري سچوئيشن تي ڪچھري ٿي.....

Sambara Internation Affairsعالمي تڪرارن جا نوان رخ: غزه کان ايران ۽ يوڪرين تائين17 آگسٽ 2026عپروفيسر بشير سومرو  جيترو و...
17/08/2026

Sambara Internation Affairs

عالمي تڪرارن جا نوان رخ: غزه کان ايران ۽ يوڪرين تائين

17 آگسٽ 2026ع
پروفيسر بشير سومرو
جيترو وقت صدر ٽرمپ ايران سان سڌي جنگ کان پري ٿيندو ٿو وڃي اوترو ئي گهرو ۽ عالمي بحرانن ۾ ڦاسندو ٿو وڃي جنهن جو اندازو ھن مان لڳائي سگهجي ٿو ته ٽريزري سيڪريٽري اسڪاٽ بيسينٽ صدر ٽرمپ ۽ سندس انتظاميا کي راضي ڪري ورتو آهي ته ايران تي حملي ڪرڻ جي بدران سخت معاشي پابنديون لاڳو ڪيون وڃن ته ايران مجبور ٿيندو جنهن کان پوء پابنديب تي عمل ڪرڻ جي لاء عملي تياريون ٿي رهيون آهن جيڪي شايد ھن ھفتي ۾ عمل ۾ اچي وڃن پر انهن پابندين جي وضاحت نه آئي آهي ته پابنديون ڪھڙن ايٽمن تي يا ڪھڙن ادارن تي لڳنديون جڏهن ته ھڪ طرف يو ايس ايس لنڪولن جنگي ٻيڙي تي جيڪا بحراني ڪيفيت پيدا ٿي وئي آهي ته فوجي ۽ عملي جا ماڻهون ننڍين ٻيڙين جي ذريعي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آهن جنهن ۾ ھنن جي جسماني توڙي دماغي صحت درست نه ھجڻ جو چيو ٿو وڃي جيڪا ھڪ قسم جي سامونڊي فوج جي بغاوت پڻ چئي سگهجي ٿي. ھن باغي خيالن جو اندازو ھن مان لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو ڪمانڊر ايڊم براڊ ڪوپر جيڪو ايران جنگ جو ڪمانڊر پڻ آهي سو ڏھن ڏينهن جي دؤري تي نڪتل آهي جنهن ۾ ھو يو ايس ايس لنڪولن جي مايوس فوجين جي ذھني ۽ جسماني صحت بابت جاچ پڻ ڪندو ۽ کين موٽيويشنل ليڪچر به ڏيندو پر ان سان گڏ بحرين, عراق, سعودي عرب, اردن, عرب امارات ۽ اسرائيل جو دؤرو ڪندو پر محسوس ٿو ٿئي ته ھو ذڪر ڪيل ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجين کي موٽيويشنل ليڪچر جي ذريعي انهن کي ياد ڏياريندو ته ھو دنيا جا عظيم فوجي آهن جيڪي ھن وقت به عالمي اسٽيج تي آمريڪا کي ھڪ طاقتور ملڪ طور ڏسڻ پسند ڪن ٿاـ
اھڙي پس منظر ۾ صدر ٽرمپ جيڪو گذريل مھيني ترڪيء ۾ نارٿ ايٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن (ناٽو) جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاء آمريڪي سي آء اي ۽ پيٽي ھيگسيٿ جي جاسوسي رپورٽن کي رد ڪندي موساد جي چوڻ تي جھاز بدلائي انقره پھتو ۽ واشنگٽن پوسٽ جي بريڪ ٿيل خڀر جي نتيجي ۾ صدر ٽرمپ وائيٽ ھائوس جي ترجمان ڪيرولينا ليوٽ کي خبر ليڪ ڪرڻ واري الزام ۾ ھٽائڻ واري عمل تي سخت تنقيد کان بچڻ جي لاء صدر ٽرمپ پنهنجي نياڻي ۽ ويجهي صلاحڪار جيئريڊ ڪشنر کي مصر ڏانهن موڪليو آهي جتي ھن حماس جي سينيئر اڳواڻن سان ملاقات ڪري غزا ۾ ٻئي امن مرحلي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون خاص طور تي اسرائيلي وزير اعظم نيتنياھوء جي واضع انڪار ڪرڻ کان پوء به حماس ھٿيار ڦٽا ڪرڻ واري عمل تي ھاڪاري رويو ڏيکاريندي حماس جي وفد جي اڳواڻي خليل الحيا سوال اٿاريو ته ھٿيار ڦٽا ڪرڻ کان پوء اسرائيلي حملن جي ضمانت ڪير ڏيندوـ ھتي ھڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته صدر ٽرمپ جي غزا پيس بورڊ ٺھڻ جي پس منظر ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي اچڻ کان پوء نيتنياھوء جي غزا ۾ ييلو لائين ٺاهڻ جو مقصد فلسطينين کي ديوار سان لڳائڻ جي برابر آهي جڏهن ته ويسٽ بينڪ ۾ يھودي سيٽلرن کي نيتنياھوء کلي ڇوٽ ڏني آهي ته ھو قبضا ڪن ته جيئن يروشلم ۾ يھودين جي اڪثريت ٿي وڃي ۽ ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن يھودين جي اڪثريت ٿي وئي ته پوء بيت المقدس يھودين جي حوالي ٿي ويندوـ جڏهن ته ڏکڻ ڀيروت تي حملو ڪري حزب الله جي انٽيليجنس اڳواڻ کي سندس خاندان سوڌو بمباري ڪري قتل ڪيو جنهن تي ايران ۽ لبنان جو صدر جوزف عون ڌار ڌار ناراض ٿي ڪري ٽرمپ انتظاميا کي ميارون ڏنيون ته اسرائيل ڪھڙي قسم جون امن ڳالهيون ٿيون آهن جو نيتنياھوء حملن کان بس ئي ته ٿو ڪري.
اڃان مٿين اشوز مان جان نه ڇڏائي اٿس ته صدر ٽرمپ جي لاء ٻه ٻيا اشوز اڀري آيا آهن جنهن مان پھريون يوڪرين جي صدر زيلينسڪيء روس تي 800 ڊرون جھازن سان حملو ڪرايو آهي جنهن کي سال جي سڀ کان وڏي يوڪريني هوائي جنگي ڪارروائين مان هڪ قرار ڏنو ويو.
روسي ترجمان جي مطابق ڪيترائي ڊرون ماسڪو تي حملي ڪرڻ جي لاء آيا پر انهن مان چيو ٿو وڃي ته 187 ڊرون جھازن کي تباھه ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ماسڪو ڀرسان هڪ وڏي گودام ۾ باهه پڻ لڳي آهي جڏهن ته روستوف واري علائقي ۾ پڻ جاني نقصان جون خبرون مليون آهن. زيلينسڪيء جي ترجمان جو چوڻ آهي ته روس جي فوجي ۽ صنعتي صلاحيت سان لاڳاپيل هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي. ٻئي طرف گذريل ھفتي روس يوڪرين تي ميزائلن ۽ ڊرون جا حملا پڻ ڪيا جنهن جي لاء زيلينسڪيء جو چوڻ آهي ته يوڪرين تي ڪيل حملي ۾ روس وڏي تعداد ۾ ڊرون، گائيڊيڊ بم ۽ ميزائل استعمال ڪيا پر ھن حملي ۾ يوڪرين جي هوائي دفاع لاءِ انٽرسيپٽر ميزائلن جي کوٽ پڻ واضع نظر آئي جنهن لاء ھن ترڪيء ۾ ناٽو سربراھي اجلاس کان پوء واري ملاقات ۾ صدر ٽرمپ کي عرض ڪيو ھيوـ
ٻيو اشو وري يو ايس ايس لنڪولن جي ھرمز ڇڏڻ کان پوء يو ايس ايس واشنگٽن جڏهن پيسفڪ سمنڊ يا کڻي چئجي ته ڏکڻ چيني سمنڊ ڇڏي ايندو ته پوء فلپائين سوڌو ڏور ڏکڻ-اوڀر جا سڀ ملڪ جن جو چين سان سامونڊي ٻيٽن تي تڪرار آهي سي سڀ خوف ۾ وٺجي ويا آهن جنهن جو اندازو ھن مان لڳائي سگهجي ٿو ته فلپائين شول ۽ اسڪاربورو شول ٻيٽن جي بچاء جي لاء پنهنجا جنگي ٻيڙا موڪلي ڇڏيا آهن جڏهن ته ٻيا ملڪ به الرٽ ٿي ويا آهن...مٿان وري ٽرمپ انتظاميا ڏکڻ ڪوريا سان ٿيندڙ جنگي مشقن جي وقت کي محدود ڪري اڃان به خوف ۾ اضافو ڪيو آهي. ڏور ڌکڻ-اوڀر جي اسٽريٽيجڪ پوزيشن تي تنقيدي نظر رکندڙ جو چوڻ آهي ته ايران جي جنگ ۾ مدد نه ڪرڻ جي ڪري
صدر ٽرمپ ڏکڻ ڪوريا سان ناراض ۽ ٻيو ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ اُن سان صدر ٽرمپ جا بھتر لاڳاپا ھجڻ جي جنگي مشقن کي محدود پيماني تي ڪري ڄڻ ته چين سان کئونس نه ٿو ڪرڻ چاهي پر ان جو اثر واشنگٽن، سيئول ۽ پيانگ يانگ جي مستقبل جي سفارتڪاري تي پڻ پئجي سگهي ٿو.

Uranium-Eating Bacteria Discovered in Radioactive Former Soviet Mineترجمو: پروفيسر بشير سومرو دنيا ۾ يورينيم جي کاڻين ما...
16/08/2026

Uranium-Eating Bacteria Discovered in Radioactive Former Soviet Mine

ترجمو: پروفيسر بشير سومرو

دنيا ۾ يورينيم جي کاڻين مان سڀ کان وڏي کاڻ Wismut GmbH Schlema-Alberoda ۾ آهي
جيڪا تنهن وقت جي سوويت اوڀر جرمنيءَ ۾ موجود هئي جيڪا پنهنجي پويان زهريلو ماحولياتي ورثو ڇڏي وئي ھئي.
پر گدلي پاڻيء جي اندر تڏهن کان پاڻي ڀرجي ويو ھيو پر ارتقا شايد مسئلي جو اڳ ۾ حل تيار ڪري رهي آهي. کاڻ وارو ماڳ 1990ع کان پوء جرمنيءَ جي ٻيهر گڏجڻ جي ڪري بند ٿي ويو ھيو ۽ تڏهن کان ھي قيمتي ۽ وقت وٺندڙ اصلاحي ڪوششن جو نشانو بڻيو آهي.
کاڻ جي بند ٿيڻ کان پوءِ زمين جي ھيٺان کاڻ پاڻيءَ سان ڀرجي وئي آهي، جنهن کي صاف ڪرڻ جي لاء لڳاتار ٽريٽمينٽ جي ضرورت آهي.
توهان کي شايد اڳ ۾ ئي خبر هجي ته ڪچو يورينيم انتهائي Radioactive (تابڪاري وارو) عنصر آهي، ۽ ان جي سامهون اچڻ ــ مثال طور، يورينيم سان گدلو پاڻي پيئڻ سان ــ انسانن ۽ ٻين جاندارن کي سنجيده نقصان پهچي سگهن ٿا.
پر حقيقت ۾ ڪجهه جاندار يورينيم سان ڀريل کاڻ جي پاڻيءَ ۾ زنده رھن ٿا؛ اھو کاڻ جو پاڻي Microbes (خوردبيني جاندار) لاء هڪ مڪمل Ecosystem (ماحولياتي نظام) بڻجي چڪو آهي.
جيئن سائنسدانن تازو دريافت ڪيو آهي ته اھي Microbes حقيقت ۾ ڪجهه حالتن ۾ يورينيم کي مستحڪم رکي سگهن ٿا.
مائڪروبائلاجسٽ اويلائن ڪراڪزائڪ وضاحت ڪندي ٻڌايو ته اسان جي گروپ جي اڳين تحقيقن مان اڳ ئي ظاهر ٿيو هيو ته بيڪٽيريا پاڻيءَ ۾ حل ٿيل يورينيم کي پنهنجي Metabolism (جسم جي اندر ماليڪيولن کي ڊاھڻ ۽ ٺاهڻ) لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا جڏهن ته انهن کي Glycerol (ھڪ سادي مٺي ذائقي واري بي رنگ شگر الڪوحل جنهن جو ڪيميائي فارمولو C₃H₈O₃ آهي) کي کاڌي طور تي ايپروچ ھوندي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جي اڀياس ۾ پهريون ڀيرو ظاهر ڪيو آهي ته بيڪٽيريا کي جڏهن Glycerol سپلاء ڪيو وڃي جيئن ھڪ ڪاربان جي سورس طور پاڻيءَ ۾ حل ٿيل زهريلي يورينيم کي هڪ مستحڪم ڪيميائي مرڪب ۾ تبديل ڪري سگهن ٿاـ
ڪراڪزائڪ ۽ سندس ٽيم اوڀر جرمنيء جي Wismut GmbH Schlema-Alberoda کاڻ مان پاڻيءَ جي صفائيءَ واري پلانٽ جي اندروني حصي مان حاصل ڪيل پاڻيءَ جي نمونن پنهنجا تجربا ڪرڻ شروع ڪيا.
تحقيق ڪندڙ ٽيم جي ھڪ ٻئي مائڪروبائلاجسٽ ٻڌايو ته اسان چاهيو ته بيڪٽيريا جي ڪميونٽيء جي لاءِ قدرتي حالتون پيدا ڪيون جيڪي اڳ ئي کاڻ جي پاڻيءَ ۾ موجود آهن ڇاڪاڻ ته تقريباً 2,000 ميٽر ھيٺ زمين گھرائيء ۾ جتي عام طور تي آڪسيجن تمام گهٽ يا بلڪل موجود نه هوندي آهي.
پهرين ڏينهن تي Microbes کي Glycerol سان انڪيوبيٽ ڪرڻ کان پوء کاڻ جو پاڻي ڦڪو ظاهر ٿيو. 130 ڏينهن کان پوءِ بوتلن جي تري ۾ ھڪ Black precipitate (ڪاري ڳوڙھي) ٺهي وئي جڏهن ته مٿان موجود پاڻي صاف رهيو.
جڏهن انهن بيڪٽيريا کي Glycerol سان گڏ انڪوبيٽ ڪيو ته سائنسدانن دريافت ڪيو ته بيڪٽيريا يورينيم کي Pentavalent state (پنج طرفي حالت) ۾ تبديل ڪري رهيا هئا.
جڏهن يورينيم Pentavalent آهي ته پوء ان جي ھڪ غير معمولي آڪسائيڊيشن واري حالت 5+ آهي. جيڪا يورينيم جي ٻين عنصرن سان بانڊ ٺاهڻ جي طريقي کي تبديل ڪري ٿي ۽ ان کي مستحڪم معدنيات جي اندر لاڪ اپ ڪري وڌيڪ آسان بڻائي ٿي.
ايٽونيو نيومين وضاحت ڪندي ٻڌايو ته يورينيم عام طور تي 4 يا 6 ويلنسيء جي حالت ۾ ٿئي ٿي. Pentavalent uranium (يورينيم ۾ 5 ويلنسي) موجود هوندي آهي پر اھا ناياب آهي ۽ فقط عبوري حالت ۾ـ ھاڻي تائين اھا غيرمستحڪم آڪسائيڊيشن حالت ۾ ڏٺي وئي ھئي.
بيڪٽيريا جي موجودگيءَ ۾ هي Pentavalent يورينيم پوءِ لوهه ۽ آڪسيجن سان گڏجي FeU(V)O₄ ٺاهيندي آهي--ھڪ مرڪب جنهن کان سائنسدان اڳ ئي واقف هيا، پر اڃا تائين ان جو ڪو عام نالو مقرر نه ڪيو ويو آهي.
انهن ڇا نه ڄاتو هيو ته اھو مرڪب فطرت ۾ به ٺهي سگهي ٿو اھو اڪيلو آهي جنهن ۾ بيڪٽيريا ملوث ھيوـ
مائيڪرو اسڪوپ سان ورتل تصويرن ۾ يورينيم جا Nanoparticle بيڪٽيريا جي جيوگھرڙن ۾ گڏ ٿيل ڏسڻ ۾ آيا.
نيومين ٻڌايو ته 130 ڏينهن کان پوءِ پاڻيء ۾ تقريبن پنج سيڪڙو يورينيم حل ٿي نمونن ۾ رھجي وئي.
بيڪٽيريا نه فقط يورينيم کي پنهنجي Cell walls (جيوگھرڙن جون ڀتيون) ۾ جذب ڪيو ھيو، پر ھڪ غير معمولي Pentavalent يورينيم جي وڏي نسبت ۾ هيو. ھن جو مطلب ھي ٿيو ته ان وڌيڪ آسانيءَ سان FeU(V)O₄ ٺاهيو، خاص طور تي جڏهن پاڻيءَ جا نمونا خشڪ ڪيا ويا ۽ آڪسيجن جي سامهون آندا ويا.
تابڪاري يورينيم جي گدلاڻ ھڪ عالمي مسئلوآهي.
آمريڪا، ھندستان، ڪيناڊا، فرانس، ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا ۾ مٿاڇري ۽ زمين جي ھيٺان واري پاڻيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن يورينيم جي گدلاڻ 0.03 ملي گرام في ليٽر جي مقرر ڪيل هدايتن واري حد کان به وڌي وڃي ٿي.
ڇا بيڪٽيريا هن مسئلي جي حل جو حصو بڻجي سگهن ٿا؟
تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته گذريل ٽن ڏهاڪن جي دؤران Bioremediation (حياتياتي صفائي) کي پاڻيءَ جي Physico-chemical ٽريٽمينٽ جي مقابلي ۾ گهٽ خرچ واري متبادل طريقي طور آزمايو ويو آهي.
فيلڊ واري اڀياس (بائلاجيڪل طريقن کي استعمال ڪرڻ) مان ظاهر ٿيو آهي ته يورينيم جي مقدار ۾ ڪافي
گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي ۽ جڏهن ته secondary sludge (ٻئي نمبر واري گند) جي پيدائش کان بچي سگهجي ٿو.
شايد هي بيڪٽيريا نيوڪليئر گدلاڻ کي صاف ڪرڻ جي لاء اسان جي ڪوشش ۾ ساٿي ثابت ٿي سگهن—نه رڳو جرمني ۾، پر سڄي دنيا ۾.
تحقيق ڪندڙن ٻڌايو ته جيتوڻيڪ هي عمل هڪ ئي Geochemical صورتحال مان حاصل ڪيو ويو آهي، پر هتي شناخت ڪيل عمل ٻين گدلن پاڻيءَ جي قسمن تي به وڏي پيماني تي لاڳو ٿي سگهن ٿا.
پر ڪراويچ-برش جو چوڻ آهي ته اسان کي اڃان اهو تحقيق ڪرڻي آهي ته يورينيم کي نقصانڪار نه بڻائڻ کان سواِء گدلاڻ ختم ڪرڻ جي مقصدن ۾ بيڪٽيريا ڪيتري حد تائين مددگار ٿي سگهن ٿا

Address

Larkana Lines

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sambara Scientific Society Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Sambara Scientific Society Sindh:

Shortcuts

Share