Sunjanap News & Newspaper SBA

Sunjanap News & Newspaper SBA Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sunjanap News & Newspaper SBA, Nawabshah.

نوابشاهه شہید بینظیرآباد جي تازه ترين خبرن، اهم واقعن، سياسي، سماجي، تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين سان هر لمحي باخبر رهڻ لاء هي چينل توهان جي بهترين رهنمائي ڪري ٿو. اسان جي ڪوشش آهي ته توهان تائين صحيح، غيرجانبدار ۽ تصديق ٿيل معلومات بروقت پهچائي سگهون.

27/08/2026

نوابشاهه: عيد ميلاد النبي ﷺ جي مبارڪ موقعي تي جماعت اهلسنت پاران ڪڍيل شاندار مرڪزي جلوس.
ڪمشنر شهيد بينظيرآباد، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي سميت شهرين ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت.

17/08/2026

نوابشاهه جي اسپتالن لاءِ 1 لک 60 هزار ڊالرن جا پراجيڪٽ: صوبائي وزير ضياء الحسن لنجار جا روٽري ڪلب جي تقريب ۾ وڏا اعلان! 📢🔥

نوابشاهه جي ترقيءَ لاءِ فلاحي تنظيمن ۽ سنڌ حڪومت جو گڏيل عزم! 🤝

صوبائي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار روٽري ڪلب نوابشاهه جي 61 هين سالياني تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته انساني ڀلائيءَ لاءِ روٽري ڪلب جهڙن ادارن جو ڪردار رياست لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو.

**هن ويڊيو ۾ ڏسو اهم اعلان:**
✅ مدر اينڊ چائلڊ اسپتال لاءِ 80 هزار ڊالرن جو تربيتي ڪلينڪل سينٽر.
✅ اکين جي اسپتال لاءِ 80 هزار ڊالرن جي جديد مشينري.
✅ نوابشاهه ۾ اي لرننگ سينٽر ۽ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جو قيام.
✅ ٿيليسيميا سينٽر لاءِ روٽري ڪلب پاران ايمبولينس جو تحفو.

پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هاڻي نوابشاهه جا مسئلا حل ٿيندا يا رڳو اعلان رهجي ويندا؟ پوري ويڊيو ڏسو ۽ پنهنجي راءِ ڏيو.

**رپورٽ: ذيشان حيدر ابڙو (سڃاڻپ لائيو نيوز)**

17/08/2026

رپورٽ: 2026-08-07بيورو چيف نوابشاهه ذيشان ابڙوروزاني سڃاڻپ اخبار ڪراچي.
07/08/2026

رپورٽ: 2026-08-07
بيورو چيف نوابشاهه ذيشان ابڙو
روزاني سڃاڻپ اخبار ڪراچي.

06/08/2026

شهيد ڪانسٽيبل محمد حسن کوسو جي رت جو قرض لاهي ڇڏيو ويو. قاضي احمد مقابلي ۾ فرض تان قربان ٿيندڙ جوان جي جنازي نماز پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي.

*نواب شاهه رپورٽ ذيشان ابڙو*

25/06/2026

🚨 ٽي ڪروڙ رپين جي هاءِ ڪوالٽي آئس جي قيمت رڳو ويهه لک؛ نوابشاهه پوليس جو مضحڪه خيز معاشي بلنڊر!

نوشڪيءَ کان نوابشاهه تائين اسمگلر جو بنا روڪ ٽوڪ سفر؛ بين الصوبائي سيڪيورٽي چوڪين جي ناڪاميءَ جو پول پڌرو!

نوابشاهه جي بااثر مقامي منشيات جي ڊيلرن جي پرده پوشي؛ پوليس اصل نيٽ ورڪ کي جاچ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو!

مقامي ميڊيا تي 'تحقيقاتي صحافت جو ڏڪار'؛ نام نهاد صحافي پوليس جي ناقص بيان جي واهه واهه ڪرڻ ۾ مصروف!

عوام دشمن صحافت بي نقاب! بنا ڪنهن تحقيق جي پوليس جي پريس رليز من و عن ڇاپڻ جو پول پڌرو ٿي ويو!

گاڏيءَ جا تفصيل غائب، پبلڪ شاهد غائب؛ چالان کي هينئر کان ئي عدالت ۾ ضمانت لاءِ ڪمزور بڻائڻ جو انڪشاف!

18/06/2026

ناظرين، ڇا نوابشاهه پوليس واقعي گٽڪا مافيا جو خاتمو چاهي ٿي يا هي رڳو واهه واهه ميڙڻ ۽ جوابدارن کي ريليف ڏيارڻ جو ڊرامو آهي؟ تفصيل ڏسو هن خاص رپورٽ ۾.

نوابشاهه بيورو چيف ذيشان حيدر ابڙو

04/05/2026

نوابشاهه بيورو رپورٽ ذيشان ابڙو

نوابشاهه شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ حب الوطني جو بي مثال مظهر! وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاهه جي هدايتن تي 'معرڪہِ حق' جي پهرين سالگرهه ۽ 'آپريشن بنيانِ مرصوص' جي حوالي سان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ استادن، شاگردن ۽ انتظاميه وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڪ فوج جي بهادري کي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي

آپريشن بنيانِ مرصوص جي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي چيو ويو ته پاڪ فضائيه، بري ۽ بحري فوج سان گڏجي دشمن جي اهم فوجي تنصيبات ۽ براهموس ميزائيل سائيٽس کي نشانو بڻائي دفاعِ وطن کي ناقابلِ تسخير ثابت ڪيو آهي. ريلي جي آخر ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ شهيدن جي درجات جي بلندي لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي وئي.

15/04/2026

نوابشاهه ۾ ماريه شهباز ڪيس ۽ اقليتي نياڻين جي زبردستي مذهب تبديلي خلاف اقليتي برادري سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي.

15/04/2026

قاضي احمد مان انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ لرزائيندڙ خبر سامهون آئي آهي پير شاهه موري وٽ هڪ شخص فائرنگ ڪري پنهنجي ئي دوست کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو آهي

Address

Nawabshah
67450

Telephone

+923212338790

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sunjanap News & Newspaper SBA posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Sunjanap News & Newspaper SBA:

Shortcuts

Share